سيد علي شاهه شائق

سـيد علـي شـاهه ’شـائـق‘ (مير علي شاهه): سيد علي شاهه ’شائق‘ عرف مير علي شاهه اصل ۾ روهڙيءَ جي ساداتن سان تعلق رکندڙ هو، جيڪو پوءِ بڪار طرف جاگير ملڻ جي ڪري اتي وڃي ويٺو. ’شائق‘ فارسي زبان ۾ هڪ طويل قصيدو ’قصيده بمدح عبدالنبي‘ عنوان سان لکيو. ان وقت تائين مير خان ٽالپر'>بجار خان ٽالپر، ڪلهوڙا درٻار ۾ اڃا اهم درجو رکندڙ هو. هن طويل قصيدي (نظم) ۾ 495 شعر آهن، جن مان عبدالنبي خان ڪلهوڙي جي دؤر جا ڳچ حالات ملن ٿا، جيڪي ٻئي ڪنهن به ڪتاب ۾ نه ٿا ملن. ڪجهه شعرن ۾ شاعر پنهنجو احوال به ڏنو آهي. خاص ڪري رزق جي تنگيءَ جو ذڪر ڪري ٿو. پاڻ لاءِ چوي ٿو ته، ”آءٌ قادري مسلڪ جو آهيان، پر پوءِ به مون تي ’رافضي‘ هجڻ جو الزام لڳي ٿو.“ هي قصيدو آخري ڪلهوڙا دؤر بابت هڪ اهم ماخذ آهي، جيڪو اڃا نه ڇپيو آهي. آغا بدرالدين (ڳڙهي ياسين) جي ڪتبخاني ۾ ان جو نسخو موجود هو، جيڪو غلام رسول مهر لاءِ، پير حسام الدين راشدي صاحب نقل ڪرايو هو. مهر مرحوم ان وقت سنڌي ادبي بورڊ لاءِ ’تاريخ ڪلهوڙا‘ لکي رهيو هو. هي ڪتاب ابتدا ۾ اردو ۽ پوءِ سنڌي زبان ۾ بورڊ پاران ٻن جلدن ۾ ڇاپي پڌرو ڪيو ويو. غلام رسول مهر هن قصيدي جي شعرن جي ايتري تعريف نه ٿو ڪري. البت ان جي تاريخي اهميت جو گهڻو قائل ڏسجي ٿو.
سنڌ جي ممتاز تاريخدان پير حسام الدين راشديءَ پڻ هن قصيدي جو گهرائيءَ سان مطالعو ڪيو هو. سندس تحقيق آهي ته هي قصيدو 1198هه کان اڳ لکيو ويو هو. جيتوڻيڪ هي ميان عبدالنبيءَ جي شان ۾ لکيو ويو هو، پر پوءِ به هي ڪلهوڙا دؤر جي آخري سالن ۽ خاص ڪري ميان عبدالنبيءَ جي زماني بابت سُٺي ڄاڻ فراهم ڪري ٿو. راشدي صاحب ڪجهه عنوانن جي لسٽ به ڏني آهي، جيڪي قصيدي جو موضوع بنيا آهن: امير، جرنيل، وزير، درٻاري، سنڌ ملڪ جي وصف، قلندر بابت مدح، مدح بخدمت ميان عبدالنبي، صفت شهر خداآباد، صفت مهراڻ، وصف صاحبزادگان، عام ۽ خاص هٿيار جي تشريح، ناظر، متصدي، توشڪچي، وڪيل، ڪلهوڙا خاندان جا نامور فرد، شيخ حامد گنج بخش، جوڻيجن جو احوال (جي ميان عبدالنبيءَ جا ماما هئا)، عالم ۽ قاضي، بروهي ۽ بلوچ، بهاولپور جا دائودپوٽا ۽ مدح مير بجار. هن قصيدي جي ڇپائي ۽ ان جي ترجمي سان، آخري عهد ڪلهوڙا جي تاريخ جا ڪيئي گوشا نروار ٿي بيهندا. هتي هڪ مُغالطي جو ازالو ڪرڻ لازم آهي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ زندگيءَ جي آخري دؤر ۾ ’تڪملة التڪملة‘ نالي هڪ ڪتاب لکيو هو. هيءُ ڪتاب فارسي گو شاعرن بابت آهي ۽ اهو سنڌ يونيورسٽيءَ پاران 2007ع ۾ شايع ٿيو آهي. ڊاڪٽر صاحب هن قصيدي (قصيده بمدح عبدالنبي) کي، هڪ ئي وقت ٻن شاعرن جي نالي سان منسوب ڪيو آهي. ڪتاب جي صفحي 72 تي پاڻ ان کي سيد رحمت الله بکريءَ جي نالي ۾ درج ڪيو اٿس، جڏهن ته ساڳئي ڪتاب جي صفحي 93 تي ساڳيو قصيدو مير علي شاهه ’شائق‘ جي نالي ۾ به داخل ڪيو ويو آهي. مٿي ذڪر اچي چڪو آهي ته قيام پاڪستان کانپوءِ ’تاريخ ڪلهوڙا‘ جي تياريءَ لاءِ معاصر ماخذن جي ڳولا ۾، هي قصيدو به هٿ آيو هو، جيڪو آغا بدرالدين جي ڪتبخاني جي ملڪيت هو. پير حسام الدين راشدي ۽ مولوي غلام رسول مهر نه رڳو ان جو اڀياس ڪيو هو، پر ڪلهوڙن جي تاريخ جي تياريءَ ۾ به ان کي ڪتب آندو هو. ٻنهي عالمن جي راءِ آهي ته هن قصيدي جو لکندڙ سيد علي شاهه ’شائق‘ آهي، ان ڪري هن ڏس ۾ ڊاڪٽر بلوچ جو مغالطو ختم سمجهڻ گهرجي.
سنڌ جي سادات ۽ خاص ڪري روهڙي ۽ بڪار جي سيدن جي باري ۾ ڄاڻ رکندڙ انجنيئر عبدالحسين شاهه موسويءَ کان جڏهن هن قصيدي بابت پڇيو ويو ته هن ٻڌايو ته روهڙي ۽ بڪار جي ساداتن بابت ٻه عدد شجرا ملن ٿا. هڪ جو مصنف مولوي غلام مرتضيٰ شاهه رضوي آهي. ان ۾ هڪ نالو علي شاهه ملي ٿو. ٻيو هڪ نامعلوم بزرگ جو لکيل شجرو به آهي، ان ۾ علي خان نالو موجود آهي. علي شاهه يا علي خان جو باقي نسبي سلسلو ساڳيو ۽ هن ريت آهي: ولد لطف علي ولد قنبر علي ولد سيد مير قلي عرف سيد مير بڪاري. عبدالحسين شاهه جي راءِ آهي ته درست نالو سيد مير علي شاهه ’شائق‘ آهي، جڏهن ته رحمة الله ان جي عُرفيت سمجهڻ کپي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو